شهمير سومرو

شهمير سومرو

شهمير سومرو

شهمير سومرو: نوجوان شاعر ۽ فنڪار شهمير سومري جو پورو نالو شهمير علي ولد حاجي علي گل سومرو آهي. هن پهرين آگسٽ 1976ع تي ڳوٺ سيد بچل شاهه، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) آهي. شهمير سومري شاعريءَ جي شروعات 1993ع کان ڪئي، جيڪا وقت به وقت مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ‘اکڙين جي ڀاڪر ۾’ ۾ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته سندس شاعري سنڌ جي سريلن فنڪارن اقرار وحيد علي، غلام شبير سمي، عاشق نظاماڻي ۽ ٻين پنهنجي آواز ۾ آڊيو البم/ سي. ڊي توڙي ريڊيو تي ڳائي آهي. شهمير سومري جادوءَ جي فن جي شروعات 1989ع ۾ ڪئي. هن سنڌ جي نامياري جادوگر استاد محمد وارث کان جادوءَ جي فن جي سکيا ورتي ۽ 1989ع کان 1994ع تائين پنهنجي استاد سان گڏ پوري سنڌ ۾ ميجڪ شو ڪندو رهيو. 1994ع ۾ استاد جي وفات ٿي، جنهن بعد هي اڪيلي سر ميجڪ شو ڪرڻ لڳو. هن وقت تائين پاڪستان ٽيليويزن جي مختلف پروگرامن سميت پوري سنڌ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. گڏوگڏ ساڳئي فن ۾ هن پنهنجا ٻه شاگرد طارق حسين جوڻيجو ۽ محمد دائم سومرو پڻ تيار ڪيا آهن. شهمير سومرو هن وقت لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش پذير آهي ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي.


لفظ شهمير سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.08.01  عيسوي

شهمير علي ولد حاجي علي گل سومرو آهي. هن پهرين آگسٽ 1976ع تي ڳوٺ سيد بچل شاهه، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي
آنند پرڪاش مهاتما
ديال آشا
فرهاد جروار
اسلم عباسي
روحل گائنچو
اياز قادري
حاجي محمد اسحاق هالائي
پرمانند پياسي
پارس رياض ملاح
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون